سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Agha_Rafiq_Ahmed

محترم جسٽس رٽايرڊ آغا رفيق احمد خان

نالو:
آغا رفيق احمد خان
والد جو نالو:
محترم آغا انور احمد خان
ڄم جي تاريخ :
23 آگسٽ 1949
انرولمينٽ جي تاريخ:
1994-95.
14 ڊسمبر 2007
تعليم:
تعليم: پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ.ڊي ڪيائون
پيشاورانه تعليم: ايل.ايل.بي ۽ قانون جي تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون
تجربو:
  • 1972 ۾ پاڻ سنڌ بار ڪائونسل جا رڪن مقرر ڪيا ويا
  • 1973 ۾ پاڻ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ۽ سول جَج طور سنڌ جوڊيشل سروسز کان شروعات ڪيائون
  • 1978 ۾ پاڻ سينئر سول جج طور ترقي ماڻيائون
  • 1983 ۾ پاڻ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طور ترقي ماڻي
  • 1985 ۾ پاڻ سيڪريٽري سنڌ ليجسليٽِو طور ترقي ماڻيائون
  • 1984 ۾ پاڻ بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽيءَ مان شريعت جو تريبيتي ڪورس ڪيائون
  • 1989 ۾ پاڻ ڊائريڪٽر ليگل سروسز ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر ايدمنسٽريشن پي.آئي.اي اندر مقرر ڪيا ويا
  • مئي 1990 تي پاڻ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طور ترقي ماڻي
  • پاڻ ايڊيشنل سيڪريٽري (ريگيوليشن) ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ مقرر ٿيا.
  • 1991 ۾ پاڻ ليبرڪورٽ نمبر 1 ڪراچي ۾ جَج مقرر ڪيا ويا
  • 1994 کان 1995 تائين پاڻ سنڌ جي لاءَ سيڪريٽري پوسٽ تي رهيا
  • 1995 تي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جَج طور قدم رکيائون ۽ بعد ۾ 1996 ۾ پاڻ پڪا ڪيا ويا
  • 1998 ۾ لاءَ سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا
  • 1997 ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر ڪريچي ۾ اسپيشل جج (نارڪوٽڪس) مقرر ڪيا ويا
  • 2002 ۾ پاڻ ڏکڻ ڪراچي جا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيا ويا
  • 2007 ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر مقرر ڪيا ويا
  • 14 ڊسمبر 2007 تي پاڻ ترقيءَ طور سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج مقرر ڪيا ويا
  • 2008 ۾ پاڻ وفاقي سيڪٽري لاءَ جسٽس ۽ انساني حقوق مقرر ڪيا ويا
  • 05.06.2009 تي پاڻ چيف جسٽس، وفاقي شريعت ڪورٽ مقرر ڪيا ويا
  • 05.06.2009 تي پاڻ چيف جسٽس، وفاقي شريعت ڪورٽ مقرر ڪيا ويا
  • 19.10.2011 تي پاڻ پاڪستان بوائز اسڪائوٽ ايسوسيئشن جا چيف اسڪائوٽس ڪمشنر آف پاڪستان مقرر ڪيا ويا
  • 07.06.2014 تي پاڻ چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مقرر ٿيا
ٻيون وضاحتون:

محترم جسٽس ڊاڪٽر آغا رفيق احمد خان ڳرهي ياسين ضلعي شڪارپور جي بارڪذئي دراني شاهي خاندان ۾ پيدا ٿيا، سندن والد جو نالو آغا محمد انور خان آهي. جيڪي زميندار ۽ سنڌ جي ممتاز شخصيت هئا. پاڻ ڊِي.سي هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون. سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائون. 1971 ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل.ايل.بي جي ڊگري حاصل ڪيئاون. پاڻ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ ۽ بلوچستان جي گذريل جج مشتاق علي قاضي جا ناٺي هئا.

محترم آغا رفيق جِن 2009 جون ۾ لنڊن اندر رايل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن مان جوڊيشل اِٿِڪس جو تربيتي ڪورس ڪيائون. 2010 ۾ سرڪاري دعوت نامي تحت مراڪش جو دورو ڪيائون جتي پاڻ مراڪش جي چيف جسٽس ۽ قانون جي وزير سان ملاقات ڪئي. جسٽس آغا سيپٽمبر 2011 ۾ هڪ دفعو ٻيهر مراڪش جو دورو ڪيائون بين الاقوامي جوڊيشل ڪانفرنس آف چيف جسٽسز آف اريبڪ ڪنٽريز ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جي نمائندگي ڪيائون. جون 2012 ۾ چيف جسٽس آف قطر مسودالاميري جي دعوت نامي تي قطر جو دورو ڪيائون جتي امير آف قطر سان پڻ ملاقات ڪيائون سندن نالو حمادبن خليفه الٿاني هو. سندن ملاقات جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ باهمي ۽ سٺن تعلقن کي هٿي وٺرائڻ هئي

هاڻي فيبروري 2013 ۾ سرڪاري دوري تي پنهنجن پنجن نمائندن سان اومان ويا، کين اومان اچڻ جي دعوت اتان جي چيف جسٽس ڊاڪٽر اسحاق بن احمد البُسيدي ڏني هئي. جتي پاڻ اُتان جي ڊپٽي پرائم منسٽر/نائب وزير اعظم ايڇ.ايڇ سيد فهد بن محمودالسيد سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي. 26 جنوري 2014 تي ڪراچي ۾ جسٽس ڊاڪٽر آغا رفيق احمد سنڌ يونيورسٽيءَ جي طرفان ”آنرس ڪاسا ڊاڪٽريٽ آف ڊگري“ جي ڊگري سان نوازيا ويا. پاڻ اهڙي قسم جي ڊگري حاصل ڪرڻ وارا پاڪستان جا پهريان جَج هئا جن اِها تاريخ رقم ڪئي، پاڻ 2011 ۾ عرب ملڪن جي چيف جسٽز جي ٻي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. پاڻ اومان، سوڊان،اردن،مصر،مراڪش ۽ قطر جي چيف جسٽسز کي مدعو پڻ ڪيائون. اپريل ۽ مئي 2012 ۾ پاڻ انهن سڀن کي پاڪستان گهمڻ لاءِ مدعو ڪيو. فيبروري 2013 ۾ ليبيا جي چيف جسٽس ڪمال جي.اي.ڌان پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عدليه جي طاقت کي هٿي وٺرائي، تاروئي جون 2013 ۾ جسٽس سِدي يهيفڌو جيڪو موريٽانيا جو چيف جسٽس آهي سندن دعوت تي پاڪستان آيو. اِها سندن لاءِ وڏي عزت جو مقام آهي جو پاڻ ملڪ جي نماندگي اِهڙي رِيت ڪيائون ۽ تاريخ رقم ڪيائون.

پاڻ نيشنل جوڊيشل (پاليسي ميڪنگ) ڪاميٽي جا نماندا ۽ گذريل آفسر پڻ رهيا، لاءِ اينڊ جسٽس ڪميشن پاڪستان جا نمائندا پڻ رهيا، بورڊ آف المينوان فائونڊيشن جا مشير ۽ نمائندا رهيا، الميزان فائونڊيشن جي ايڊمنسٽريشن ڪاميٽي جا نمائندا رهيا، بورڊ آف گورنرس ۽ بورڊ آف ٽرسٽيز جا نمائندا پڻ رهيا. بين الاقوامي اسلاميه يونيورسٽيءَ جا ڪائونسل آف ٽرسٽيز رهيا، ايگزيڪيوٽو ڪائونسل علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جا نمائندا رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاءَ ڪراچيءَ جا بورڊ آف گورنر رهيا، پاڪستان بوائز اسڪائوٽ ايسوسيئيشن پاڪستان جا چيف ڪمشنر رهيا، بورڊ آف گورنرس جا نمائندا رهيا يونيورسٽي آف سنڌ حيدرآباد جا، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچيءَ جا انتظاميه ڪميٽي جا نمائندا رهيا.

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب