سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا info@sindhhighcourt.gov.pk



تعارف سنڌ هاءِ ڪورٽ

تاريخ :

صوبي سنڌ جي لاءِ هڪ صدر عدالت بمبئي ايڪٽ XII آف 1866. جي تحت قائم ڪئي وئي هئي. هي عدالت ديواڻي ۽ فوجداري معاملات ۾ سنڌ جي لاءِ اپيل جي اعليٰ ترين عدالت هئي . جنهن جي صدارت هڪ جج جي هئي جنهن کي عدالتي ڪمشنر سنڌ چيو ويندو هو. 1906ع ۾ بمبئي ايڪٽ XII آف 1866 ۾ سنڌ عدالتي ترميمي ايڪٽ (بوم آف 1906) جي تحت ترميم ڪئي وئي هئي. ۽ صدر عدالت ڪمشنر سنڌ ۾ تبديل ڪئي وئي هئي . جيڪا ٽن يا وڌيڪ ججن تي مشتمل هئي. انکان علاوه ديواڻي ۽ فوجداري معاملات لاءِ اپيل جي اعليَ ترين عدالت هجڻ ڪري ڪراچي ۾ عدالت، ضلعي عدالت ۽ سيشن عدالتون هيون . 21 آگسٽ 1926 ۾ سنڌ عدالتي ايڪٽ (بوم VII آف 1926) صوبي جي چيف ڪورٽ جي قيام لاءِ قانون منظور ڪيو ويو هيو.

حڪومت انڊيا ايڪٽ 1935 جي زير عمل اچڻ تي يڪم اپريل 1937 ۾ سنڌ هڪ الڳ صوبو بڻجي ويو ۽ عدالتي ڪمشنر سنڌ جي ججز کي برطانوي حڪومت جي طرفان شاهي فرمان جي ذريعي مقرر ڪيو ويو هو.

جيئن تـ سنڌ عدالتي ايڪٽ 1926 بمبئي ايڪٽ جي مخصوص خاص خطوط جي قريب ترين لائنن جي پيروي جي طور تي هي محصوص ٿيو هيو تـ هن ايڪٽ کي ڪم ۾ آڻيندي صوبي جي فوري اشد ضرورت تي مطمئن ڪري سگھجي. آخرڪار حڪومت انڊيا ايڪٽ 1936 جيڪو مناسب طور تي پارليامينٽ ۾ ترميم ڪيو ويو هيو ۽ 15 اپريل 1940 ۾ سنڌ عدالتي ايڪٽ 1926 زير عمل آندو ويو هيو ۽ عدالت ڪمشنر سنڌ ان ڏينهن سنڌ چيف ڪورٽ بڻجي وئي هئي.

1907 ۾ عدالت هڪ عدالت ڪمشنر ۽ ٽن ايڊيشنل عدالتي ڪمشنرن تي مشتمل هئي پر 1935 ۾ ايڊيشنل عدالتي ڪمشنرز جي تعداد وڌاءِ ڪري ٽن کان چار ڪئي وئي ۽ ان سال هيٺيان ججز هئا.

عدالتي ڪمشنر آف سنڌ وي. ايم. فوررز، Esq., سي آءِ ايس (ريٽائرڊ مئي 1935)، گڊ فري ڊيوس ، Esq.، سي آءِ ايس (جون 1935 کان)، ايڊيشنل ڪمشنر آف سنڌ روپ چند بلارام ، Esq.بي اي ايل ايل بي ڊاڊيوا سي ميٺا Esq، ايم اي ايل ايل بي . ايم اي هاويلي والا Esq، بار ايٽ لاءِ چارلس ايم لوبو Esq، بي اي ايل ايل بي (نگران).

1937 ۾ ڪائونسل ۾ حڪم طرفان جوڊيشل ڪمشنرز جج جي طور تي نامزد ڪيو ويو هيو. اهم ڳالهه اها آهي تـ پهريون دفعا 1938 ۾ هڪ مسلمان جناب حاتم بي طيب جي ماهر قانون کي قائم مقام جج طور عدالت ۾ مقرر ڪيو ويو.

1947 ۾ جناب حاتم بي طيب جي. جج. سنڌ چيف ڪورٽ مقرر ٿيا ۽ عدالت هيٺين ججن تي مشتمل هئي

محترم جناب ڊينس نيل او سليون ، ماهر قانون ، محترم جناب ٽي وي ٿاداني ، ماهر قانون ، محترم جارج بيڪسينڊل ڪونسٽينٽائن ، اي اي (آڪسن) آسي ايس ماهر قانون ، محترم جناب حسن علي جي آغا بي اي ايل ايل بي، محترم جناب منڪشا رستم جي مهر آئي سي ايس (آفج)

هاءِ ڪورٽ مغربي جي قيام جي وقت ججن جي تعداد ڪراچي بينچ ۾ اوتري هئي بعد ۾ وڌاءِ ڪري 15 ڪئي وئي. سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽز جي علحدگيٰ جي وقت 12 ججز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ٿيا. جڏهن تـ 3 ججز بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ٿيا.موجوده منظور شده ججز جي تعداد 40 آهي. 1923 ۾ موجوده مرڪزي عمارت جي تعمير شروع ڪئي وئي، لاڳت Rs 39,75,248 پر تعمير 22-11-1929 ۾ مڪمل ٿي لاڳت Rs. 30,35,000. 1929 ۾ توسيع جي لاءِ ڪجھ شرائط سان گڏ 5 ججن جي لاءِ ٺاهي وئي هئي جنهن ۾ هي عمارت هاڻي بينچن، عدالت ۽ 18 ججن جي چيمبرز جي جڳهه رکي ٿي. ڪجھ جج پنهنجي چيمبرز ۾ ئي عدالت رکن ٿا. علاوه ان جي هي سهوليات اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ، فيڊرل شريعت ڪورٽ رجسٽري ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ هاءِ ڪورٽ بار لائبريري جي دفاترن کي فراهم ڪيا ويا آهن. منتقلي کان پهريان سپريم ڪورٽ رجسٽري، هاءِ ڪورٽ احاطي ۾ ٻـ ڪورٽ روم ۽ ٽي چيمبرز سپريم ڪورٽ جي ججن جي زير استعمال هئا، جڏهن سپريم ڪورٽ ڪراچي کي تمام اختيارات مليا تڏهن ڪجھ ٻيا چيمبرز سپريم ڪورٽ جي ججن کي فراهم ڪيا ويا.

1974 ۾ روپيـ 4.4 ملين جي لاڳت سان هڪ اينڪسي بلڊنگ هاءِ ڪورٽ جي اتر اوڀر جي ڪمپائونڊ ۾ تيار ڪئي وئي پر هن صورت حال کي وڌيڪ آسان نـ ڪيو. ان لاءِ هن ڪورٽ جون آفيسون موجود آهن ۽ سيڪريٽري، منسٽري آف جسٽس ۽ پارليامينٽري افيئرز ، اسٽينڊنگ ڪائونسل آفيشل اسائني اسپيشل بينڪنگ ڪورٽ ، رجسٽري آف فيڊرل شريعت ڪورٽ ۽ سنڌ بار ڪائونسل. هن طرح اهو ڏٺو ويو تـ هت جڳهه جي کوٽ آهي.

صوبائي حڪومت منصوبي کي جاري رکڻ لاءِ بلڊنگ جي ڏکڻ اوڀر ۾ اينيڪسي بلڊنگ تعمير ڪرڻ لاءِ ڪجھ سال اڳ هڪ لک روپيـ رکيا هئا. 1984 ۾ Rs. 13.35 ملين جي لاڳت جو تخمينو ڪيو ويو هو. پر هاڻي ناڻي ۾ واڌ ڪري قيمت آهستي آهستي وڌي ٿي. جيستائين وفاقي حڪومت فنڊز مهيا ڪري يا صوبائي حڪومت بلڊنگ جي تعمير کي اهميت ڏي ۽ ضروري فنڊز مهيا ڪري بلڊنگ هڪ يا ٻن سالن ۾ تيار نـ ٿيڻ واري آهي.

پاڪستان جي دستور 1973 جي 18 ترميم کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج آرٽيڪل 175(A). جي تحت مقرر ڪيو ويندو آهي . آرٽيڪل 175(A), جي مطابق عزت ماب چيف جسٽس آف پاڪستان جوڊيشل ڪميشن جي صدارت هيٺ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي تقرريٰ لاءِ اهل اميدوارن جي نالن جي سفارش موڪليندو آهي. اهي نامزدگيون پارليامينٽ ڪميٽيٰ ڏانهن موڪليون وينديون آهن پارلياماني ڪميٽي 14 ڏينهن اندر نامزد ٿيل ججن کي اڪثريت سان پڪو ڪندي آهي. ٻي صورت ۾ نامزد جج صاحبان جو پڪو ٿيڻ سمجھو ويندو. پڪا ٿيل ججن جا نالا عزت ماب وزيراعظم ڏانهن موڪليا ويندا آهن ۽ ساڳيا نالا عزت ماب صدر پاڪستان ڏانهن تقرري لاءِ موڪليا ويندا آهن.

ڪوئي بـ شخص هاءِ ڪورٽ جو جج نـ ٿو ٿي سگھي جيستائين هو پاڪستان جو شهري نـ هجي. يا 10 سالن تائين هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪئي هجي يا 10 سالن جو عدالت هلائڻ جو تجربو هجي. پاڪستان ۾ بطور ڊسٽرڪٽ جج 3 سالن کان گھٽ عرصي تائين نـ رهيو هجي. هڪ هاءِ ڪورٽ جو جج 62 سالن تائين عدالت هلائي سگھي ٿو. جيستائين هن کان اڳ ۾ هو پاڻ استيفا ڏي يا دستور موجب هن آفس کان هيٺ لاهيو وڃي.

نوٽ: - هاءِ ڪورٽ جج جي تقرريٰ جون تفصيلات سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هن ويب سائٽ (www.supremecourt.gov.pk) تي ڏسي سگجن ٿيون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مرڪزي عدالت ڪراچي ۾ آهي ، سکر ۾ بينچ ۽ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ سرڪٽ ڪورٽ آهن. هاءِ ڪورٽ جون ٻين جڳهن تي بـ بينچون ٿي سگن ٿيون . جيئن عزت ماب گورنر ڪابينـ ۽ عزت ماب چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي صلاح ۽ مشورن سان حد تي ڪري.

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب