سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



معزز جَج

Justice_Atta_Ur_Rehman

محترم جسٽس رٽايرڊ عطاءَالرحمٰن

پاڻ 13 جولاءِ 1943 ۾ ڀوپال (ڀارت) ۾ پيدا ٿيا. 1957 ۾ پاڻ بنيادي تعليم حاصل ڪري پاڪستان ڏانهن هجرت ڪيائون. ڪراچيءَ مان هاءِ اسڪول جي تعليم حاصل ڪيائون. 1964 ۾ بي.اَي جي ڊگري حاصل ڪيائون. 1968 ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ايل.ايل.بي جي ڊگري حاصل ڪيائون. 06.08.1969 تي پاڻ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ٿيا. 06.10.1971 تي پاڻ عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ٿيا. 10.05.1979 تي پاڻ عدالتِ عظمٰي جا وڪيل مقرر ٿيا. پاڻ ديواني واپاري فوجداري معاملن تي وڪالت ڪيائون. 27.05.1998 تي پاڻ هاءِ ڪورٽ بينچ اندر جَج طور مقرر ڪيا ويا . 17.07.2005 تي پاڻ رٽايرڊ ٿيا

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب