سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]
معزز جج


Justice_Afzal_Soomro

محترم جسٽس رٽائيرڊ محمد افضل سومرو

پاڻ 08 جنوري 1951ع ۾ عبدالله ڊَکڻ ڳوٺ ضلعو ۽ تعلقو لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيا. 1967ع ۾ پاڻ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ سيڪينڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ميٽرڪ پاسس ڪيائون. 1971ع ۾ پاڻ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان سائنس ۾ گريجوئيٽ ڪيائون. 1973ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ميٿميٽڪس/رياضي ۾ ايم.ايس.سي ڪيائون. پاڻ جيئن ته ميٿميٽڪس جا شاگرد هئا، جنهن ڪري پاڻ رياضي جي شعبي جو صدر چونڊيو ويو. پاڻ 1975ع ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ منجهان ايم.اي (پاليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائون ۽ ايل.ايل.بي جو امتحان سنڌ لاءِ ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائون. 10.04.1976 ۾ پاڻ ماتحت عدالت جا وڪيل مقرر ڪيا ويا ۽ 09.04.1979 ۾ عدالتِ اعليٰ جا وڪيل مقرر ڪيا ويا. 30.01.1999 ۾ پاڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا وڪيل مقرر ڪيا ويا ۽ زندگي ڀَر جي نمائندن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويا. پاڻ 1981 کان 1982 تائين ۽ 1982 کان 1983 تائين هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر جا جوائنٽ سيڪريٽري رهيا. پاڻ 1995 کان 1996 تائين ۽ 1996 کان 1997 تائين عدالتِ اعليٰ بار جي انجمن لاڙڪاڻي جا عزتِ مآب سيڪريٽري جنرل رهيا. 1998 کان 1999 تائين عدالِت اليٰ بار جي انجمن لاڙڪاڻي جا صدر پڻ چونڊيا ويا. 10 آڪٽوبر 1999 تي پاڻ ترقيءِء ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ جا جَج مقرر ڪيا ويا.

 

 

اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب