سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا info@sindhhighcourt.gov.pk



معزز چيف جسٽس

Chiesf Justice Ahmad Ali M. Sheikh

محترم چيف جسٽس احمد علي ايم. شيخ

محترم چيف جسٽس احمد علي ايم. شيخ 03 آڪٽوبر 1961 تي پيدا ٿيا. پاڻ ابتدائي تعليم گورنمينٽ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائون ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان سائنس ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪيائون. پاڻ قانون جي ڊگري شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائون. 1 نومبر 1990 ۾ ضلعي عدالت ۾ وڪيل جي حيثيت سان داخل ٿيا. 15 مارچ 1993 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل طور نمايان ڪاميابي حاصل ڪيائون.


پاڻ 1994 ۽ 1995 ۾ ضلعي بار تنظيم جا نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. جڏهن 05.04.2008 کان 24.09.2009 تائين هاءِ ڪورٽ بار جي تنظيم جا صدر چونڊيا ويا. محترم چيف جسٽس احمد علي ايم. شيخ 25 سيپٽمبر 2009 ۾ هاءِ ڪورٽ جا ايڊيشنل جَج منتخب ٿيا ۽ پاڻ 19 سيپٽمبر 2011 ۾ مستقل جَجَ طور حلف کنيائون. 16 ڊسمبر 2015 کان 14 مارچ 2017 تائين هاءِ ڪورٽ سنڌ جا سينيئر ترين جَج رهيا. ان سان گڏ 03 مارچ 2016 کان 12 مارچ 2016 ۽ 04 آگسٽ کان 10 آگسٽ تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ايڪٽنگ چيف جسٽس رهيا. 15 مارچ 2017 تي پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کنيائون.


اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب